ڀٽيءَ جو ڪوٽ

ڀٽيءَ جو ڪوٽ: هي قديم ماڳ، جيڪو ديهه نيلوفري، بلاڪ 105، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ واقع آهي. هي ماڳ هن وقت ڇهن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. دڙو زمين جي سطح کان 8-10 فوٽ اوچو آهي. کوٽائيءَ مان پڪيون سرون چورس شڪل جون ملن ٿيون. ڪوٽ جي پيڙهه ساڍا پنج فوٽ ويڪري آهي. قلعو بظاهر چوڪور آهي. جنهن جي هر ٻانهين جي ڊيگهه ساڍا چار سو فوٽن جيتري آهي. قلعي جو مکيه لنگهه اولهه پاسي کان آهي. ٻاهران اتر پاسي رهائشي مقصد جي جاين جا پڪسرا نشان آهن. هن دڙي جي مٿان ملڻ وارين وٿن مان ٺڪراٺو، جنڊيون، سارين جا تهه، ٺڪر جا برتن، رانديڪا، کٽين جي رنگاوت جا ڪُن به ملن ٿا. هن جي کوٽائيءَ مان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي. دڙي جو ڳچ حصو ڪليم هيٺ اچي ويو آهي. هن دڙي کان چند قدم ڏکڻ پاسي سروي نمبر 283 ۾ ’مقام صادق‘ نالي ڪهنو قبرستان به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو